واشنگٽن- 10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس جي ٻن ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز مطابق آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ نيو جرسي رياست سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن ڪانگريس ۾ ٽام ڪين سان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن کان علاوه علائقائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ واپاري سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته گڏيل قدر ۽ مفاد ٻنهن ملڪن جي شراڪت داري کي مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. ملاقات ۾ رياست نيوجرسي سان گڏ دواسازي ۽ آءِ ٽي ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني سفير ڪيلفورنيا رياست سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن پارٽي جي اڀرندڙ اڳواڻ ڪيون ڪيلي سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ، ٻنهن ملڪن جي گڏيل قدر کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪيلفورنيا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن کي هٿي ڏيڻ ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.